عدم وجود (ٻُڙي) ۽ وجود جو مذھبي ۽ سائنسي تقابلي جائزو
ديبُل انتظاميہ • • تصوف

اسان جنھن مادي دنيا سان تعلق رکون ٿا، ان مادي دنيا ۾ جيڪا شيءِ اسان کي نظر اچي ٿي، اھا ئي شي اسان جي توجہ جو مرڪز رھي ٿي، ۽ جنھن شيءِ کي اسان جي اک ناھي ڏسي سگھندي، اسان ان جي باري ۾ گُمان بہ ناھيون ڪندا ۽ ان کي نظر انداز ڪندا آھيون، ان ئي سبب جي ڪري انساني شعور جڏهن وجود جي شروعات بابت سوچي ٿو، ته ان جو پهريون واسطو ھڪ (1) سان پئي ٿو، جيئن تہ ھڪ (1) نظر اچي ٿو، ان جي پنھنجي مخصوص ۽ فڪس ٿيل قيمت آھي ۽ ان جو وجود آھي، ۽ ھر شيءِ ھڪ سان پوري طرح سان ونڊجي سگھجي ٿي، تنھنڪري اسان اھو سوچيندا آھيون ھر شي جو وجود ھڪ (1) مان آھي، ڇو تہ سڀني انگن ۾ پائيون ويندڙ خاصيتون ھڪ (1) ۾ بہ پائيون وڃن ٿيو، انڪري اسان جو ذھن ان ڳالھ جي شاھدي ڏيندو آھي تہ وجود آھي ۽ اھو ھڪ (1) آھي.
پر ڇا اسان ڪڏھن وجود کان پري عدم موجودگي جي باري ۾ سوچيو آھي؟ ڇا اسان سوچيو آھي تہ عدم موجودگي ڇا آھي، خاليپڻو ڇا آھي؟ سُڃ ڇا کي چئجي ٿو؟
عام مادي عقل "خاليپڻو، سُڃ يا عدم" يا "ڪجهه به نه" کي اکرن ۾ ٻُڙِي، انگن ۾ (0) سان ظاھر ڪري ٿو، پر جڏهن اسان منطقي گهرائيءَ ۾ وڃون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته ٻُڙي اصل ۾ اهو "مطلق حقيقت" آهي جيڪو صفتن کان پاڪ هجڻ جي ڪري اسان جي محدود حواسن کان اوجهل آهي. ٻُڙي ھُجڻ ۽ نہ ھُجڻ جي مھتاج ناھي، ٻُڙي عدم ناهي، پر اهو وجود جي اها خاموش حالت آهي جنهن ۾ سڄي ڪائنات پنهنجي امڪاني صورت ۾ موجود آهي.
ٻُڙي جو حسابي ۽ منطقي جوهر:
رياضي جي دائري ۾ ٻُڙي (0) پنهنجي پاڻ ۾ ڪا به ظاهري مقدار نٿي رکي، پر ان جي "مطلق حقيقت" هر مقدار جي نظام تي اثر انداز ٿئي ٿي.
ضرب جو پيراڊوڪس: جڏهن اسان 1 (وجود) کي ٻُڙِي (عدم) سان ضرب ڪيون ٿا تہ ، ته اسان هڪ وجود (1) کي ان جي اصل (0) ۾ جذب ڪري ڇڏيون ٿا. نتيجي ۾ وجود (1) ختم ٿي وڃي ٿو ۽ عدم باقي رھي ٿو. هي ثابت ڪري ٿو ته ٻُڙي رڳو هڪ خال ناهي، پر هڪ اهڙو مرڪزي نقطو آهي جيڪو هر مادي وجود کي پاڻ ۾ سمائڻ جي طاقت رکي ٿو.
جوڙ جي عمل (0+1=1) ۾ ٻُڙي پنهنجي لامتناهي گنجائش ظاهر ڪري ٿي، جتي هوءَ وجود کي پنهنجي پيٽ ۾ جڳهه ڏئي ٿي پر پنهنجي اصليت کي تبديل نٿي ڪري. هيءَ "گنجائش" ئي اصل ۾ ڪائنات جو خال (Space) آهي، پر اسان جو محدود ذھن صرف ھڪ (1) تي ڌيان ڏئي ٿو ۽ ٻُڙي پسِ پردہ ھلي وڃي ٿي
سناتن فلسفو:
ڌرتي جي آڳاٽي مذھبن مان قديم مذھب سمجھيو ويندڙ سناتن ڌرم اڄ کان ھزارين سال اڳ وجود ۽ عدم وجود جو جيڪو نظريو پيش ڪري ٿو، اھو اڄ جي جديد دور جي ماھرن، مذھبي عالمن، فيلسوفن، تحقيقدانن ۽ سائنسدانن کي ڏندين آڱريون ڏئي ٿو. قديم سناتن ڌرم جي ڪتاب رگويد ۾ وجود جي شروعات يا ان جو جنم عدم وجود (وجود جي عدم موجودگي) يا سادي لفظن ۾ وجود جي پيدائش (ڪجھ بہ نہ) مان ٿي آھي، رگويد ۾ ان (ڪجھ بہ نہ) کي نِرگُڻ برھمڻ سڏيو ويو آھي، سنڌي ٻولي ۾ نِرگُڻ (نِر+گُڻ) مان ورتل آھي، جنھن ۾ نِر جي معني عدم آھي ۽ گُڻ جي معني صفتون آھي، يعني صفتن کان پاڪ. سناتن ڌرم ۾ نِرگُڻ برھمڻ ھڪ مطلق حقيقت آھي، جنھن کي نہ شڪل آھي، نہ صفتون آھن، جنھن کي ٻنھي محدود ۽ لامحدود خالص شعور طور تي بيان ڪيو ويو آھي، نِرگُڻ برھمڻ سڀني دُوئي، حدن ۽ انساني سوچ جي درجابندي کان مٿانھون آھي، نہ ھن مطلق حقيقت جي عبادت ٿئي ٿي، نہ پُوڄا ٿئي تي، نہ ھن کي خوش ڪري سگھجي ٿو، نہ ئي وري ناراض ڪري سگھجي ٿو، رگويد موجب ھي مطلق حقيقت (نِرگُڻ برھمڻ) ھُئڻ ۽ نہ ھُئڻ وارين خاصيتين کان مٿانھين آھي. جيئن تہ ھي مطلق حقيقت (نِرگُڻ برھمڻ) ھُئڻ ۽ نہ ھُئڻ وارين صفتن کان پاڪ آھي ان ڪري قديم دور جا سناتن ڌرم جا رِشي، پنڊت يا ساڌُو ان کي (نيتي، نيتي) يعني (ھي نہ تہ ھُو، ھُو نہ تہ ھِي) يا (ھي نہ، ھُو نہ) جي اپنشد جي اصولن کي استعمال ڪندي بيان ڪندا ھُئا. سناتن ڌرم ۾ ھن مطلق حقيقت (نِرگُڻ برھمڻ) جي نہ ڪا مورتي آھي، نہ ھِن جو مندِر آھي، نہ پُوڄو وڃي ٿو، نہ ھن کي ڪنھن جي ھُئڻ يا نہ ھُئڻ سان ڪوئي فرق پوي ٿو.
سناتن ڌرم ۾ ان نِرگُڻ برھمڻ جي ڀيٽ ٻُڙي (0) سان ڪئي وئي آھي، جھڙي طرح نرگُڻ برھمڻ ڪنھن بہ قسم جي گُڻ اوگُڻ يا صفتن کان پاڪ يا مٿانھون آھي، اھڙي طرح ٻُڙي بہ ھر طرح جي صفتن کان پاڪ يا ان جي مھتاج ناھي،
سناتن ڌرم مطابق ھن ڪائنات کي تخليق ڪندڙ برھما آھي، ان کي پاليندڙ وشنُو (نارايڻ) ۽ ان کي تباھ يا ختم ڪندڙ (مھيش) يعني شوا آھي، ھي ٽئي حستيون يا وجود سگُڻ برھمڻ ۾ اچن ٿيون، ھي وجود پيدا ڪرڻ جون خاصيتون، سنڀالڻ جون خاصتيون ۽ نشٽ ڪرڻ جون خاصيتون رکن ٿيون. سگُڻ جي معني آھي گُڻن سان ڀريل، يا گُڻن وارو يا صفتن وارو. ھي ٽيئي مطلق وجود (برھما، وشنو ۽ مھيش) تريمورتي سڏرائن ٿا، ھنن جي عبادت ٿيئي ٿي، ھي ناراض ٿين ٿا، ھي خوش ٿين ٿا، ھنن جي خوشنودي ضروري آھي، ھنن جي لاءِ مندر ٺھرائڻا پون ٿا، ھي ڪائنات ھنن جي مرضي جي ماتحت آھي. ويدن جي مطابق ۽ پراڻن ۾ ھي ٽيئي وجود پنھنجو پاڻ کي نِرگُڻ برھمڻ سڏائن ٿا، ۽ انھن جي مطابق برھما، وشنو ۽ مھيش ھڪٻئي کان الڳ ناھن، پر نِرگُڻ برھمڻ ئي آھن، جيئن تہ نرگُڻ برھمڻ ھُئڻ ۽ نہ ھُئڻ وارين صفتن کان پاڪ آھي انھي ڪري چئي سگھجي ٿو تہ ھُو ھڪ ئي وقت ٿي بہ سگھي ٿو ۽ نہ بہ ٿي سگھي ٿو.
سادن لفظن ۾ سناتن ڌرم (موجودہ ھندو ڌرم) ۾ سڀ کان عظيم طاقت، سڀ کان عظيم مطلق حستي، سڀ کان مٿانھون نظريو نِرگُڻ برھمڻ جو آھي، ھر ديوتا، ھر مطلق وجود کان مٿانھون. ھي آھي بہ ۽ ھي ناھي بہ.
نرگُڻ (0) ۽ سگُڻ (1) جو تفاوت:
سناتن ڌرم جي الٰهياتي گهرائيءَ ۾ "ٻُڙي" کي نرگُڻ برهم (Nirguna Brahman) جي صورت ۾ سمجهي سگهجي ٿو. هتي وجود جا ٻه بنيادي رخ آهن جيڪي منطقي طور تي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن.
نرگُڻ برهم (مطلق ٻُڙي)نرگُڻ جو تصور اهڙي حقيقت آهي جيڪا هر قسم جي خاصيتن (Attributes) ۽ ضرورتن کان مٿانهون آهي. هو نه خالق آهي، نه پاليندڙ، ۽ نه ئي سزا يا جزا ڏيندڙ. هن حالت ۾ برهم ڪنهن به صفت جو محتاج ناهي. هو رڳو "آهي ۽ ناھي". هن کي اسان ٻُڙي (0) سان تعبير ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته جنهن شيءِ جون ڪي به صفتون يا رنگ روپ نه هجي، اها مادي نظر ۾ ٻُڙي لڳندي آهي، پر حقيقت ۾ اها ئي واحد ۽ مطلق حقيقت هوندي آهي.
سگُڻ برهم (ظاهري وجود)جڏهن اها لامتناهي ٻُڙي پنهنجي پاڻ کي "ظاهر" ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿي، ته اها سگُڻ (Saguna) جي صورت اختيار ڪري ٿي. تريمورتي—برهما، وشنو ۽ مهيش—اصل ۾ ان ئي صفتن کان پاڪ نرگُڻ جا "صفتي روپ" آهن. برهما جي تخليقي صفت، وشنو جي پالنا ۽ مهيش جي فنا، اهي سڀ ان مطلق ٻُڙي جون مختلف "ويليوز" آهن. ڀڳوان وِشنو جي اوتار شري ڪرشن جڏهن پاڻ کي "پربرهم" سڏي ٿو، ته هو اصل ۾ ان ئي نرگُڻ (0) جي دعوا ڪري ٿو، جتان سڄو وجود ظاهر ٿيو آهي. جنھن ۾ ھُو چئي ٿو تہ مان ھُئڻ ۽ نہ ھُئڻ وارين گُڻن ۽ اوگُڻن کان پاڪ آھيان.
ابراهيمي مذهبن ۽ سناتن ڌرم جي خدا جو منطقي مقابلو:
هتي هڪ گهري فڪري ونڊ ضروري آهي جيڪا ٻُڙي (مطلق حقيقت) جي منطق کي وڌيڪ واضح ڪري ٿي:صفتي خدا جو تصور: ابراهيمي مذهبن (مثال طور اسلام) ۾ خدا جو تصور صفتن/خاصيتن سان مشروط آهي. اتي خدا صفتن جو "محتاج" لڳي ٿو. ان جا نوانوي نالا ان جون نوانوي خاصيتون بيان ڪن ٿا، ان کان علاوہ بہ ان جون خاصيتون آھن. اسلام ۾ اللہ جي خوشنودي ضروري آھي، ان جي احڪامن تي عمل ڪرڻ ضروري آھي، نہ ڪرڻ جي صورت ۾ سخت عذاب ۽ رحم يا بخشش وارن مرحلن مان گُذرڻو پوندو، اسلام ۾ مطلق وجود جي عبادت ڪئي وڃي ٿي، ھن جي لاءِ عادتگاھون ٺھرايون وڃن ٿيون، اسلام جي ھن مطلق وجود جي لاءِ مادي کي پنھنجو وقت سيڙھائڻو پوي ٿو نہ تہ ٻي صورت ۾ ھي مطلق وجود ھڪ مادي کي ٻئي مادي سان ٽڪرائي سخت سزا ڏيندو. جيڪڏهن ڪو تخليق ٿيل ناهي ته هو 'خالق' ڪيئن سڏبو؟ جيڪڏهن ڪو محتاج ناهي ته هو 'رزاق' ڪيئن ٿيندو؟ ان جو مطلب ته اتي خدا جي سڃاڻپ مخلوق (ٻئي) جي وجود سان ڳنڍيل آهي. انسان محتاج آھي انڪري اھا مطلق حستي رازق يا رحم ڪندڙ آھي، مخلوق آھي تڏھن ھو خالق آھي، اسان مخلوق نہ بہ ھُجون ھا تڏھن بہ اھا مطلق حقيقت ھُجي ھا پر خالق نہ ھُجي ھا. ھُو خالق مخلوق جي ڪري آھي. ان جي ابتڙ، سناتن ڌرم جو "نرگُڻ" ڪنهن به صفت جو مھتاج ناهي. هو ڪائنات جي هجڻ يا نه هجڻ سان متاثر نٿو ٿئي. نرگُڻ وٽ نه رحم آهي نه عذاب، ڇاڪاڻ ته اهي انساني يا مادي صفتون آهن. نرگُڻ رڳو "نرگُڻ" آهي. جيڪڏهن ڪائنات ۾ ڪا ٻي شيءِ نظر اچي ٿي، ته اها به اصل ۾ ان ئي نرگُڻ جو هڪ عارضي ظهور آهي.
جيڪڏهن اسان الله (عامل)، تخليق (عمل) ۽ ڪائنات (نتيجو) کي الڳ مڃينداسين، ته منطقي طور اسان کي اهي ٽئي وجود الڳ مڃڻا پوندا. جيڪڏهن نتيجو (ڪائنات) عامل (خالق) کان الڳ آهي، ته پوءِ خالق "مڪمل" نه رهيو، ڇاڪاڻ ته ڪائنات جي جڳهه خالق جي وجود کان ٻاهر رهجي وئي. منطق جي اصولن موجب، جيڪڏهن ڪا شيءِ "لامحدود" (Infinite) آهي، ته ان کان ٻاهر ڪنهن ٻئي وجود (چاهي اها ٻُڙي هجي يا مادو) جي گنجائش ئي نہ ھُئڻ گھرجي، جيڪڏھن گُنجائش آھي تہ پوءِ اھا مطلق حقيقت نہ سڏبي، پر حقيقتن جو ڳُڇو. جيڪڏهن ڪنهن وجود ۾ پيدا ڪندڙ (خالق) جي ڪا به خاصيت ناهي، ته اهو ان مان نڪري ئي نٿو سگهي. جيڪڏهن ٻُڙي مان ڪجهه نڪتو آهي، ته ان جو مطلب آهي ته ٻُڙي "خالي" نه هئي، پر ان ۾ اهي سڀ خاصيتون "ٻج" وانگر لڪل هيون جيڪي نتيجي ۾ ظاهر ٿيون. علمِ ڪيميا موجب جيڪڏھن پاڻي (H2O) ھڪ مُرڪب آھي تہ ان ۾ ھائيڊروجن ۽ آڪسيجن جا عنصر پايا وڃن ٿا، پاڻي انھن عنصرن کان الڳ ڪا "ٽي" شيءِ ناھي، پر انھن جي ھڪ حالت آھي. ان منطق سان، جيڪڏهن ڪائنات هڪ "مرڪب" آهي، ته ان ۾ اهي ئي عنصر هوندا جيڪي ان جي اصل (ٻُڙي يا خالق) ۾ هئا. جيڪڏهن تخليق ۾ خالق واريون خاصيتون ناهن، ته پوءِ منطقي طور اها ان جي تخليق ٿي ئي نٿي سگهي.
رگويد جي مشهور ناسديه سوڪتا ۾ تخليق جي ان لمحي جو ذڪر آهي جڏهن رڳو ٻُڙي هئي: (ناستداسين نو سستداسيت تذانيم، ناسيد رجو نو ويوم آپرو يت) (ترجمو: تڏهن نه 'عدم' هو ۽ نه ئي 'وجود' هو، نہ فضائون ھيون ۽ نہ ئي انھن کان مٿي آسمان ھو). هي منتر ثابت ڪري ٿو ته شروعات ۾ هڪ اهڙي حالت هئي جيڪا ٻُڙي (0) وانگر هئي. جيڪڏهن اها مڪمل "ڪجهه به نه" هجي ها ته ان مان ڪجهه نڪري ئي نه سگهي ها. تنهنڪري اهو "عدم" اصل ۾ هڪ لڪل "مطلق وجود" هو. رگويد موجب، ديوتا به ان تخليق کان پوءِ ظاهر ٿيا، جنهن جو مطلب آهي ته تريمورتي به ان ئي نرگُڻ (0) جي لهر آهن.
ڪوانٽم فزڪس ۽ سپر پوزيشن:
جديد سائنس پڻ ان منطق جي تائيد ڪري ٿي. ڪوانٽم سپر پوزيشن موجب، هڪ گلاس هڪ ئي وقت خالي (0) به آهي ۽ ڀريل (1) به ٿي سگھي ٿو. ان جو ھڪ مثال اھو بہ آھي تہ ھڪ خالي ڪمري ۾ جڏهن توهان داخل ٿيو ٿا، ته اھو ڪمرو توھان جي موجودگي جي دعوا ڪري ٿو، تہ پوءِ اھو ڪمرو جيڪو توھان جي داخل ٿيڻ کان پھرين خالي ھو، ان ڪمري جو اھو خاليپڻو ڪاڏي وڃي ويو؟ اهو ڪٿي به نٿو وڃي، پر توهان جو مادي وجود ان خاليپڻي (ٻُڙي) جي مٿان هڪ پردو بڻجي وڃي ٿو ۽ خاليپڻو پسِ پردہ ھليو وڃي ٿو. خلا ۽ مادو هڪٻئي سان گڏ رهن ٿا، پر اسان جو شعور صرف مادي کي ڏسڻ جو عادي آهي.
نتيجو:
ٻُڙي عدم ناهي، پر اهو سڀني وجودن جو جوهر آهي. سناتن ڌرم جو نرگُڻ برهم اهو ئي "ٻُڙي" آهي جيڪو ڪنهن به صفت يا ضرورت جو محتاج ناهي. تريمورتي کان وٺي عام انسان تائين، سڀ ان "پربرهم" جا عڪس آهن. جيئن ٻُڙي مان ڪروڙين انگ نڪرن ٿا پر ٻُڙي پنهنجي اصليت ۾ اوتري ئي رهي ٿي، تيئن سڄو وجود (مادو وغيرہ) نرگُڻ (ڪجھ بہ نہ) مان نڪري ٿو پر نرگُڻ (ڪجھ بہ نہ) هميشه پنهنجي مڪمل صورت ۾ قائم رهي ٿو. "تخليق" (Creation) جو لفظ اسان کي ڌوڪو ڏئي ٿو. منطقي طور تي ڪجهه به نئون پيدا نٿو ٿئي، صرف "ظهور" (Manifestation) ٿئي ٿو.
موضوع
- تصوف
- سائنس
- وجود
- عدم وجود
- مڪمل خاليپڻو
- ٻُڙي
- ڪجھ بہ نہ