لھر تي ڪُونج جو پر، ندي ۽ پکي
رُوبينا اَبڙو • • شاعري

لھر تي ڪُونج جو پر، ندي ۽ پکي
ڀر ۾ ملاح جو گھر، ندي ۽ پکي
آس ڪھڙي ۾ ٿا آسمان کي ڏسن
ھڪ مھاڻِي، سندس ور، ندِي ۽ پکي
بُک جي فلسفي تي ٿا ڪن گُفتگُو
ھڪڙو ھاري، سندس ھر، ندي ۽ پکي
تو جو اسڪيچ مان ڌار مونکي ڪيو
مون بہ ڊاٿو سڄو تر، ندي ۽ پکي
لھر تي ڪُونج جو پر، ندي ۽ پکي
ڀر ۾ ملاح جو گھر، ندي ۽ پکي
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- رُوبينا اَبڙو
موضوع
- بک جو فلسفو
- لهر لهر زندگي
- ڪونج جا ڪينواس
- پکين جي پنڌ جا پڙاڏا