اسان رول ماڻھو رُلياسين تہ ڇاھي

ديبُل انتظاميہ • • شاعري

اسان رول ماڻھو رُلياسين تہ ڇاھي

اسان رول ماڻھو رُلياسين تہ ڇاھي
نہ منزل جي رستا، ڀُلياسين تہ ڇاھي
اسان رول ماڻھو رُلياسين تہ ڇاھي
اسان جيڪڏھن دل ۾ مندر ھُجئون ھا
حسينائون ڀيٽا ۾ ٻارين ھا ڏيئا
اسان يا تہ مسجد جا مھراب ٿيون ھا
پون ھا اسان تي ڪي سجدن جا ليئا
نہ ھو عشق ۾ حج جو امڪان ڪوئي
ٻڌي خالي احرام نڪري پياسين
اسان لاءِ گنگا جي اسنان تي جھل
ڪناري ئي ڪناري تي ھلندا رھياسين
مُحبت جو معراج ناھي اسان لاءِ
ايئن ئي خالي اُڀ ڏي اُڏياسين تہ ڇاھي
اسان رول ماڻھو رلياسين تہ ڇاھي
نہ وارن کي مليون ڦڙيون آڱرين جون
نہ زُلفن مان آئي ھوا ڪا اوٺي جي
اسان لاءِ ڳڻتي ڪئي ڪنھن نہ ھوندي
زماني ۾ ڀُلجي ڪئي ڪنھن نہ ھوندي
اسان لاءِ ڳڻتي ڪا پرتي رُٺي جي
حسِينن جي ھوندي اڪيلو گذارڻ
وڏي ثابتي آ اڀاڳي ھُجڻ جي
اسان جي تہ تقدير ڪنھن وقت سکڻي
ڪئي ناھي دعوا سڀاڳي ھُجڻ جي
اسان لاءِ سُنسان سڀ گھر گھٽيءَ ۾
وڃي ڪنھن بہ در وٽ رُڪياسين تہ ڇاھي
اسان رول ماڻھو رُلياسين تہ ڇاھي
اسان پيار کان ڏُور مُئاسين او جانا
خُدا ڪونہ بخشِيندو جنت اسان کي
آ ھٿڙن تي ميھندِي جي حسرت اسان کي
مِلِي ڪانہ اھڙِي ڪا دعوت اسان کي
رکي در کُليل جي ڏسن راھ پنھنجي
اسان کي نگاھُون سي ھٿ ڪونہ آيون
جتي ٿڪ ڀڄن ھا بدن جا سمُورا
کُليل دل سي ٻانھُون ھٿ ڪونہ آيون
اسان سان زماني کي ڪا غرض ناھي
انھي ساڻ ڄاڻي رُسياسين تہ ڇاھي
اسان رول ماڻھو رلياسين تہ ڇاھي