شھزاد علي ڪلوڙ

ديبُل انتظاميہ • • شخصيت

شھزاد علي ڪلوڙ

شھزاد علي ڪلوڙ جو تعلق پنو عاقل سان آھي، جيڪو پنهنجي محنت، جاکوڙ ۽ اڻٿڪ ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. 2021ع ۾ ڪراچي منتقل ٿيڻ کانپوءِ هن ڪيترن ئي چئلينجن جو مقابلو ڪيو. هن شادي هالز ۾ ڪم ڪرڻ کان وٺي فوڊ پانڊا (Foodpanda) جي رائڊر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.
پنهنجي مسلسل محنت ۽ لڳن جي نتيجي ۾ هن سنڌ انفارميشن ڪميشن ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي، جتي هو هن وقت پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. سندس همت اڄ به جوان آهي، هو پنهنجي سرڪاري نوڪري سان گڏ بائيڪيا (Bykea)، انڊرائيو (InDrive) ۽ يانگو (Yango) ذريعي پڻ جاکوڙ جاري رکيو اچي.
شھزاد علي ڪلوڙ جي زندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ايمانداري سان ڪيل محنت ۽ مسلسل جدوجهد انسان کي ترقيءَ جي منزلن تي پهچائي ٿي. هن جو سفر هر ان نوجوان لاءِ مشعلِ راهه آهي جيڪو مشڪلاتن کان گهٻرائڻ بدران محنت تي يقين رکي ٿو.

اهم معلومات ۽ تفصيل

شهر
پنوعاقل
ملڪ
سنڌ
پيشو / سڃاڻپ
سنڌ انفارميشن ڪميشن، رائڊر
پيدائش
N/A
وفات
حيات

تصنيفون ۽ علمي ڪم

  • سنڌ انفارميشن ڪميشن (2024): موجوده عهدو
  • فوڊ پانڊا رائڊر (2021-2023): اڳوڻي جاکوڙ
  • بائيڪيا / انڊرائيو / يانگو (جاري): پارٽ ٽائيم ورڪ