شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏهي
ديبُل انتظاميہ • • شخصيت

مشهور عوامي شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي ولد سيد امام الله شاهه، 26 نومبر 1939ع تي ديهه ڏاڏاهه، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين (تڏهن حيدرآباد ضلعو) ۾ جنم ورتو. هن 1953ع ۾ صرف 14 ورهين جي ڄمار ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس پهريون ڪلام “انتظاري ۾ گذاري زندگي ساري اٿم” لاڙ جي نامور فنڪار اسحاق ڪارو مڱڻهار ڳايو، جيڪو ان وقت تمام گهڻو مقبول ٿيو. اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته ان محفل ۾ سندس والد سائين امام الله شاهه موجود هئا، پر کين به خبر نه هئي ته اهو ڪلام سندن ئي فرزند جو لکيل آهي.
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي پنهنجي ادبي تربيت مشهور شاعر محمد خان غنيءَ کان حاصل ڪئي، جيڪو علمِ عروض جو ڄاڻو هو. پاڻ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان گهر ۾ ئي حاصل ڪيائين. سندس شاعري سليس، ڳوٺاڻي ۽ دل ۾ لهڻ واري ٻوليءَ سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري عام ماڻهو کان وٺي وڏن دانشورن تائين کيس پسند ڪيو.
هو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جو مقبول شاعر رهيو. سندس ڪلام عابده پروين، ڍول فقير، ماسٽر محمد ابراهيم، جلال چانڊيي، سرمد سنڌي، مائي ڀاڳي، چاڪر چانڊيي، ڦوٽي زرداري، فيروز گل ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن ڳايو. سندس شاعريءَ کي پير حسام الدين راشدي، طالب الموليٰ ۽ جي. ايم. سيد جهڙن وڏن نالن به ساراهيو.
مرتضيٰ ڏاڏاهي مزاحيه شاعري ۽ ڪالم نويسي به ڪئي. روزاني هلالِ پاڪستان سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مزاحيه ڪالم شايع ٿيندا رهيا. صحافت سان به وابسته رهيو ۽ ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو بنياد وڌائين، جن ۾ بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي، ڏاڏاهي ادبي تنظيم ۽ پريس ڪلب ٽنڊوالهيار شامل آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “زهر و زم زم”، “تون پارس آءٌ لوهه”، “سهڻا سرها گل”، “مان ذرو تون ماهتاب”، “نه هن پاسي نه هن پاسي”، “ڏاڏهيءَ جا ڏوهه هزار” ۽ “چڱو ٿيو اوهان کي به وسري وياسين” شامل آهن. سندس شخصيت تي ليکڪن جا مضمون “ٿورا نه ٿورا” جي نالي سان پڻ ڇپيا.
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي کي ادبي ۽ صحافتي خدمتن عيوض ڪيترائي اعزاز مليا، جن ۾ سهڻي ميهار گولڊ ميڊل، قلندر شهباز اوارڊ، مهراڻ ڪلچرل اوارڊ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اوارڊ ۽ پاڪستان جو قومي اعزاز “تمغهءِ حسنِ ڪارڪردگي” شامل آهن، جيڪو کيس 23 مارچ 2018ع تي ڏنو ويو.
15 فيبروري 2021ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه ٽنڊوالهيار ۾ ريلوي اسٽيشن ڀرسان واقع آهي. سندس شاعري اڄ به عوام جي دلين ۾ جيئري آهي ۽ سنڌي ادب ۾ سندس نالو هميشه عزت سان ورتو ويندو.
ذريعو: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شهر
- ٽنڊو باگو
- پيشو / سڃاڻپ
- شاعر
- شعبو
- سنڌي ادب
- پيدائش
- 26 نومبر، 1939
- وفات
- 15 فيبروري، 2021
- پھريون ڪالم
- انتظاري ۾ گُذاري زندگي ساري اٿم
- اعزاز
- سُھڻي ميھار گولد ميڊل
- اعزارا
- قلندر شھباز اوارڊ
- اعزاز
- مھراڻ ڪلچرل اوارڊ
- آخري آرامگاھ
- ٽندو الھيار
ٻوليون
- سنڌي،سرائيڪي،اردُو،فارسي،انگريزي
تصنيفون ۽ علمي ڪم
- زھر و زم زم
- تون پارس آءٌ لوھہ
- سُھڻا سرھا گل
- مان ذرو تون ماھتاب
- نہ ھِن پاسي نہ ھُن پاسي
- ڏاڏھيءَ جا ڏوھ ھزار
- چڱو ٿيو اوھان کان بہ وسري وياسين