زندگي ساڻ دل يار سهمت هئي
سروڻ ڪُمار • • شاعري

زندگي ساڻ دل يار سهمت هئي،
جڏهن مون کي ملي تنهنجي محبت هئي.
نه هئي ڄاڻ مون کي بهارن جي مَنَ!
ساٿ تنهنجي ۾ پن ڇڻ به نعمت هئي.
لوڪ آ ڏوهه مون تي هزارين ڏنا،
تون جو نالو سٺي مون تي تهمت هئي.
عشق تنهنجي ۾ تڙپڻ به راحت لڳو،
اڄ لڳي تنهنجي تصوير رحمت هئي.
سور ”سروڻ“ نه چٽيا، حقيقت لکي،
هي ٻڌيندي غزل دل کي راحت هئي.
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- سروڻ ڪُمار