ياد تون ٿو اچين، ڏينھن گُذري نٿو

ياد تون ٿو اچين، ڏينھن گُذري نٿو،
پرھڻي وقت پنڇيءَ جا اُڏري نٿو،
ياد تون اچين، ڏينھن گُذري نٿو،
ڪو تہ آھي ھتي، چانڊوڪيءَ جي مثل،
حُسن جنھن جو ڏسي، چنڊ اُڀري نٿو،
ياد تون اچين، ڏينھن گُذري نٿو،
رات آئي سدا، ڪنھنجي پازيب جي،
مونکان ڇن ڇن جو آواز وسري نٿو،
ياد تون اچين، ڏينھن گُذري نٿو،
ياد آھي تُنھنجو، ساٿ آزر اڃا،
توسان گھاريل اھو، وقت وسري نٿو،
ياد تون اچين، ڏينھن گُذري نٿو،
اهم معلومات ۽ تفصيل
- صنف
- ghazal
- شاعر
- اشفاق آذر
موضوع
- محبت
- عشق
- محبوب
- وڇوڙو
- نگاھہ
- ديدار
- نينھُن
- يادون
- چنڊ