وٺي ھر ھر جنم وربو
جُمن دربدر • • شاعري

وٺي ھر ھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو
ختم اونداھ ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو
پنھنجي جا جنگ آ جاري، سا ٿيندي نيٺ سوڀاري
مري ويندا سڀئي ماري، سچي سُرھاڻ ۾ ملبو
مٺا مھراڻ ۾ ملبو
ٿيا جي قوم تان قربان، انھن جي نام ھن احسان
شھيدن جي ريٽي رت سان، رتيءَ لالاڻ ۾ ملبو
مٺا مھراڻ ۾ ملبو
ھجي يورپ يا لبنا، جتي ماريو ويو انسان
انھيءَ ماڻھوءَ سندي ارمان ۽ رت ڇاڻ ۾ ملبو
مٺا مرھاڻ ۾ ملبو
وري ورندا تہ وسڪارا، وسي پوندا ھي پٽ سارا
مارو ٿيندا تہ موچارا، ميھنھن مانڊاڻ ۾ ملبو
مٺا مھراڻ ۾ ملبو
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- جُمن دربدر