وڏي ھِن نِم پوڙھي ۾

حاجي ساند • • شاعري

وڏي ھِن نِم پوڙھي ۾

وڏي ھِن نِم پوڙھي ۾،
جُواني جيئن لُڏِي آھي،
نِگاھُن ۾ نشا اُتِرِيا،
گُناھہ ۾ دِل ٻُڏِي آھي!

جڏھن ھي گانگِھرو تُنھنجو،
گُلابي گِيت ٿِيندو آ،
جڏھن ھي ٻانڌِڻو تُنھنجو،
گُلن جي رِيت ٿيندو آ،
جڏھن ڪنھن واءُ جي جھوٽي،
تي، تُنھنجي چڳ اُڏِي آھي،
گُناھہ ۾ دِل ٻُڏِي آھي!

ڪيا مورن ھُجن کيڙا،
ھرڻ جي ڇال جا منظر،
اکين آڏو ترِيا آھن،
ڀلي ڪِنھن سال جا منظر،
رچيا ھِن رُوح ۾ سارنگ،
سڳي تُنھنجي ڪُڏِي آھي،
گُناھہ ۾ دِل ٻُڏِي آھي!

اسان اڳ ۾ ڪڏھن ڪيو آ،
اوھان کان ساھ ھي پيارو،
نصيبن ۾ ھُجي قاتل،
اگر ھھڙو ڪو موچارو،
ڪجل تو ڪونہ پاتو آ،
اڃا ڪاتِي مُڏِي آھي،
گُناھہ ۾ دِل ٻُڏِي آھي!

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
nazm
شاعر
حاجي ساند

موضوع

  • عشق
  • حُسن
  • محبت
  • جواني
  • نگاھہ
  • محبوب
  • دل
  • احساس
  • ادائُون
  • رُوحاني صفر