تون حسين ڇوڪري،

سروڻ ڪُمار • • شاعري

تون حسين ڇوڪري،

پاڪ پاڻي جيان، تون حسين ڇوڪري،
سونھن راڻي جيان، تون حسين ڇوڪري.
​ماهه رو، ماهه جبين، دلنشين، دلربا،
تنهنجي قاتل نگاهه، قلندري هر ادا،
دل ٻاراڻي جيان، تون حسين ڇوڪري.
​خوبرو، نازنين، آفرين، قدِ رعنا،
تنهنجي هڪ جهلڪ سان، ٿين ڏک ٿا فنا،
مئي پراڻي جيان، تون حسين ڇوڪري.
تون کي غالب جي ڪوئي غزل مان چوان،
يا ڀئائي جي وائي لکيل مان چوان،
رب جي واڻي جيان تون حسين ڇوڪري

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
ghazal
شاعر
سروڻ ڪُمار

موضوع

  • حُسن
  • عشق