توسان نہ ملان ھا, تہ گداگر ھُجان ھا مان
آڪاش انصاري • • شاعري

ڀل ساري ڪائنات جو محورُ ھُجان ھا مان،
توسان نہ ملان ھا، تہ گداگر ھُجان ھا مان!
سوچن جي مٿان سُونھن جو، سانوڻ نہ وسي ھا،
ٿر جي اجاڙ ٿاڪ جو، ٿُوھر ھُجان ھا مان!
ڪنھن پيار جي پارس ڇُھي، ڪنچن ڪري ڇڏيو،
ورنہ ڪنھن رُڃي راھ جو پٿر ھُجان ھا مان!
ڪا شڪل ڏسي عقل ڀي، سجدي سُجود ٿيو،
نہ تہ اڻ ڏٺل خدا سندو، مُنڪر ھُجان ھا مان!
ڪنھن روپ ڪئي رُوح ۾ ريشم رفوگري،
نہ تہ شام ويل مڪليءَ جو، منظر ھُجان ھا مان
اهم معلومات ۽ تفصيل
- صنف
- azad-nazm
- شاعر
- آڪاش انصاري
موضوع
- محبت
- عشق
- محبوب
- وجود
- رُوحاني صفر