تو اچڻ جي نہ ڪئي، مُند آئي وئي
ڊاڪٽر ناھيد مغل • • شاعري

تو اچڻ جي نہ ڪئي، مُند آئي وئي
آس موٽي وئي، ھير ڪانہ گھُلي
من پنھنجو سڙيو، جيءُ پنھنجو جُھريو
اسان توکي سڏيو، اسان توکي سڏيو
ڪوئي سج نہ بڻي، ڪوئي چنڊ نہ بڻي
زندگي مينھن ڪڻي، ڇا مان ڇا آ بڻي
من ماٺي ٿيو، جيءُ پنھنجو جھريو
اسان توکي سڏيو
ھُو جي سپنا ھُئا، وقت سارا لُٽيا
سڪ تنھنجن لقا، ڪٿ ڪائي نہ ڪا
ڪِٿِ ٽانڊاڻو ٻجھيو، جيءُ پنھنجو جھريو
اسان توکي سڏيو
سا پکيئڙن جي لات، من جي توسان بات
لڳي ڏُکن جي ڏات، من اونداھي ڪا رات
چنگ ڪوئي چُريو، جيءُ پنھنجو جُھريو
اسان توکي سڏيو
پنھنجا واعدا پرين، سي وساري ڇڏين
آس پيدا ڪري، خون تنھن جو ڪرين
اسان ڪجھ نہ چيو، جيءُ پنھنجو جھريو
اسان توکي سڏيو
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- ڊاڪٽر ناھيد مغل