سُھڻا پنھنجي اکين کي جھل

قادن نُوحاڻي • • شاعري

سُھڻا پنھنجي اکين کي جھل

سُھڻا پنھنجي اکين کي جھل
ھڪ ڪاريون، ٻيو تن ۾ ڪجل
مون تي ايڏو تہ ڪن ٿيون عمل
سھڻا پنھنجي اکين کي جھل

مان تہ راھ ورتو پيو رستو وڃان
ڪھڙو ڏوھ ڪيوم، تو ھي ڏُکڙا ڏنا
مان مري ويندس، دم اتي ئي ڏيندس
تاون توتي ٿيندس، ٿيندو تنھنجي ھٿ ۾ ڪفن
سُھڻا پنھنجي اکين کي جھل

حال ھيڻو اٿئي، متان پاپ پوئي
ناھي ملڪ منھنجو، نڪو سنگتي سھي
ڪجان دل سان دفن، ناھي منھنجو وطن
ڳنڍي ڳانڍاپو، پون ٿيون ڳل
سُھڻا پنھنجي اکين کي جھل

اھو طيب تڏھن مان توکي ڏنو
ڇڏي شھر وڃي، ٿيس شاعر ڇنو
قادن ڪونھي قدر، ھيو ڏوڪڙ جو ڏر
جڏھن ڏٺم شھر، مان تہ ڳولھيو گلاب جو گل
سھڻا پنھنجي اکين کي جھل

اهم معلومات ۽ تفصيل

شاعر
قادن نُوحاڻي