سَوَن ميڪدن کي کُٽائي گهمون ٿا

جھانگير ڏاھري • • شاعري

سَوَن ميڪدن کي کُٽائي گهمون ٿا

سَوَن ميڪدن کي کُٽائي گهمون ٿا،
اسين هوشَ پنھنجا وِڃائي گهمون ٿا،

اسان جي نظر کان نہ اوجهل رهيو ڪجهہ،
ڀٽائي اکين ۾ سمائي گهمون ٿا،

لُٽايوسِين گهرڙو وڏي ڳالهہ ناهي،
وطن ئي سمورو لُٽائي گهمون ٿا،

اسان عذر خواهيون ڪيون ڪلهہ وڻن سان،
وريا ڇونہ پنڇي پڇائي گهمون ٿا،

خيالن جي وسعت ڀلا ڪير سمجهي؟
سموريون خدايون کُٽائي گهمون ٿا،

اهم معلومات ۽ تفصيل

شاعر
جھانگير ڏاھري

موضوع

  • رُوحاني صفر
  • اندروني ڀڃ ڊاھ
  • خاليپڻو