صدين جو سچ سامھون آ

حسن درس • • شاعري

صدين جو سچ سامھون آ

وڏا وڻ ڳوٺ تُنھنجي جا
ڊگھا پاڇا مٽي چِيڪي
ھوا سامھون سُٺي ساڳي
سريلي سينڍ تنھنجي آ

ڳليون ڄڻ ڳھر ۾ آھن
اکيون ڪنھن جواڻ عورت جون
ننڊاکو نم جو وڻ آ
نرالي نينڍ تنھنجي آ

پراڻيون پٽ تي پوندڙ ڀتيون
ڀُرندي نہ ڀُڻڪن ٿيون
ٻُڌيون جيڪي اٿم ڳالھيون
انھن جو ڳچ سامھون آ

مُڙي ۽ مور جو ڪوئي
ڊُڪي ٿو ڊيل جي پويان
حياتيءَ جي حقيقت ۽
صدين جو سچ سامھون آ

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
nazm
شاعر
حسن درس
ڪتاب
حسن درس جو رسالو
صفحو
150