رقاصہ قلندر تي بيٺي نچي

رقاصہ قلندر تي بيٺي نچي
چوان ڪيئن تہ مُجرو ڪري ٿي پئي
نڪو نازيہ جا نمونا نوان
نڪو نازيہ جا اشارہ نوان
ندي آ پراڻي، اھي وھڪرا
نڪو نازيہ جا ڪنارا نوان
اُھي ئي پدمڙا سندس پيرڙا
اُھا ئي سندس ڇير آھي جتي
صدين کان جا ساڳي وڄي ٿي پئي
مگر تون قلندر ويٺو ڏسين
منھنجي وک تو ڏانھن کڄي ٿي پئي
لڳي جنگ جيڏي، امان اوترو ھو
ايامن کان آئون اچان ٿو پيو
لڪيءَ ۾ لڪايم بدن جو ذرو
جبل منجھ جھاتي بہ پائي ڏٺم
اندر منجھ ڪاتي وھائي ڏٺم
رڳو گرم چشمو بہ ڪافي نہ آ
رڳو عورتن ۾ تلافي نہ آ
گُھميس ڏئي ۽ خود کي چُمائي ڏٺم
محبت جا مزور وانگي ٿڪي
محبت جا جھيڻي ٿئي پئي جھڪي
ميان مروندي! توکي ڇا ڇا چوان
سندءِ گس ناھن سڌا ۽ سنوان
صفا اُڀ ڪپيءَ تان اچان ٿو پيو
جڏھن آھي اوندھ وڪوڙي وئي
بدن جي بتيءَ تي اچان ٿو پيو
وري سج ساڙي رکيو آ سڄو
تڏھن ڀي تتيءَ تي اچان ٿو پيو
سجائي رکان ٿو مان سيوھڻ سڄو
رقاصہ قلندر تي بيٺي ڏسي
آئون قلندر تي بيٺو نچان
چوي ڪيئن تہ مُجرو ڪريان ٿو پيو
اهم معلومات ۽ تفصيل
- صنف
- nazm
- شاعر
- حسن درس
- ڪتاب
- حسن درس جو رسالو
- صفحو
- 133-134