او موذن ٿورو آھستي

آسي محمُود زميني • • شاعري

او موذن ٿورو آھستي

او موذن ٿورو آھستي
ھن مسجد جي ڀرپاسي ۾
ڪنھن پورھيت جا ڪي پيٽ بُکيا
مس ھاڻي آھن ٻار سُتا
ڏس متان ڪو جاڳي پئي
۽ پنھنجي ٺريل چُلھي ڏسي
ڪنھن جيجل جو پئي جيءُ جھُري
او موذن ٿورو آھستي...

ڏس ڏور ڪٿي ڪنھن مِل منجھان
آواز اچي پيو ٿو گھنڊ جو
۽ دونھون پري کان چمنيءَ جو
پيو مونکي پنھنجي طرف ڇِڪي
او موذن ٿورو آھستي...

ھي گھنڊ مقدس آ مون لاءِ
جو منھنجي بُک مٽائي ٿو
۽ پنھنجي چُلھ جي ٻارڻ لاءِ
مان چڻنگ وٺان ٿو چمنيءَ کان
او موذن ٿورو آھستي...

اهم معلومات ۽ تفصيل

شاعر
آسي محمُود زميني