مُحبت مال چاريندي،

حسن درس • • شاعري

مُحبت مال چاريندي،

مُحبت مال چاريندي،
وڃي ويٺي وڻن ھيٺان،
حقيقت خواب جي ڀرسان،
سُمھي پئي گيت ميڙيندي،
دلين جي خُشڪ پتن تي،
رکي ٿي پير خاموشي،
اسان جي زندگي گُذري،
خود سان پاڻ جھيڙيندي،
اُداسي اڳ ڄائي ڀيڻ آھي،
ھر جوانيءَ جي،
ڇڻن ٿا پن ڇاتين تي،
مٽي ۽ مائٽي ڪھڙي،
پراڻو عشق پوڙھو ھو،
سڀن جو ڄڻ تہ تڙ ڏاڏو،
اسان جو ڀاءُ ٻيو ڪھڙو،
اسان جي ڀائٽي ڪھڙي.

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
nazm
شاعر
حسن درس
ڪتاب
حسن درس جو رسالو
صفحو
154