مِٽي ماٿي لاھيان مان

سنڌُو ديش جي ڌرتي توتي، پنھنجو سِيس نِمايان
مِٽي ماٿي لاھيان مان
ڪِينجھر کان ڪارُونجھر تائين، توکي چشمن چاھيان
مِٽي ماٿي لاھيان مان
جِيءُ جِيءُ جِيجل، جِيءُ جِيءُ جِيجل، توکان ڪيئن لوايان
مِٽي ماٿي لاھيان مان
سارا سڏ پڙاڏا تُنھنجا، وائيءَ ۾ ورنايان مان
او مِٽي ماٿي لاھيان مان
گِيت بہ مُون وٽ تُنھنجا ماتا، بيت بہ تُنھنجا ڀايان مان
او مِٽي ماٿي لاھيان مان
ڪالھ مليران مھڪ اُٿي جا، نگر نگر ڦھلايان مان
او مِٽي ماٿي لاھيان مان
ڏُٿ بہ پنھنجو ڏيھ بہ پنھنجو، مارُو شال ملھايان مان
او مِٽي ماٿي لاھيان مان
تُنھنجِيءَ مِٽِيءَ منجھ مِلان جي، آءٌ امرتا پائيان
مِٽي ماٿي لاھيان مان
رِم جِھم رِم جِھم راڳ انھن سان، ٿر بر باھ لڳايان
مِٽي ماٿي لاھيان مان
سنڌُو ديش جي ڌرتي توتي، مُنھنجي ماتا ڌرتي توتي
پنھنجو سِيس نِمايان مان او مِٽي ماٿي لاھيان مان
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- شيخ اياز
موضوع
- سنڌي قومي ترانو
- سنڌي قومي نظيم