مگر نہ آئُون

امداد حسيني • • شاعري

مگر نہ آئُون

گھٽا بہ توتي وسِي سگھي ٿِي، مگر نہ آئون،
کِنوڻ بہ توسان کِلِي سگھي ٿي، مگر نہ آئون!

جڏھن بہ سِجُ چنڊ ۽ ستارا گُھرن، تہ توکي ڏسي سگھن ٿا،
ھوا بہ توکي ڇُھِي سگھي ٿي، مگر نہ آئون

ڪجل اکين تي، لبن تي لالي، ڳچِيءَ ۾ مالا، ڪنن ۾ والي،
ھٿن تي ميھندي رچِي سگھي ٿي، مگر نہ آئون!

اُھا ھُجي شام، يا ھُجي رات، وار کولي سندءِ اڱڻ تي،
جڏھن بہ چاھي اچي سگھي ٿي، مگر نہ آئون

جڏھن بہ پازيب کي وڻي، پشم پير ڇمڪي ڇُھي سگھي ٿو،
سنگھر ڳِچيءَ کي چُمِي سگھي ٿي، مگر نہ آئون!

گلاب جو گُل جڏھن بہ چاھي، سندءِ ڳِٽي تي ٽِڙِي سگھي ٿو،
پُسي بہ توکي پسِي سگھي ٿي، مگر نہ آئون!

ڪڏھن گھٽيءَ منجھ آمُھُون سامُھُون اِيئن ئي بنا ارادي،
نظر نظر سان مِلِي سگھي ٿي، مگر نہ آئون!

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
ghazal
شاعر
امداد حسيني

موضوع

  • محبت
  • عشق
  • محبوب
  • وڇوڙو
  • نگاھہ
  • ديدار
  • نينھُن