ڪانڊيرو نالي ھُو ھارِي

حسن درس • • شاعري

ڪانڊيرو نالي ھُو ھارِي

ڪانڊيرو نالي ھُو ھارِي
ڪالھ مري ويو سيءَ تپ ۾
ڪانڊيري جو ڏاندن جوڙو
پر سياري ۾ چورن ڪاھيو
جنھن تي ڪُتي ڪيڏو باھيو
ھا پر رات بہ ڪاري آھي
جنھن کان توبہ زاري آھي
ڇا ڇا ٿي تاريخ ڦلھوري
چورن جا ٿي پيرا ڊاھي
ھُن جي زال تہ رِليون ٺاھيون
ڪيڏيون پاريون ڀليون ٺاھيون
جنھن ۾ ھن ھُئي ننڊ بہ ٽانڪي
پنھنجو سارو نُور بہ ٽانڪيو
اُڊڙيل ھر ھڪ سُور بہ ٽوپيو
ڄڻ ھن سارو ديس سبيو ھو
پنھنجو ھر آسيس سبيو ھو
سي بہ وڏيرن کي تہ وڻي ويون
جيڪي آخر مفت کڻي ويون
ھن کي رئيس وڏي وٽ وھندي
پورو سال ھي نائون ٿيو ھو
ھيل فصل بہ تہ ڍلو ٿيو ھو
۽ ليکو بہ تہ لائُون ٿيو ھو
ھن کي ڪڏھن خط نہ آيو
ھن کي ڪنھن کان تار نہ آئي
ھو جو ڪنھن کي ياد نہ آيو
ھن جي ڪنھن کي سار نہ آئي
ھن جا ڪا ائڊريس نہ آھي
ھن جو ڪو گھر نمبر ناھي
ھن جو گھر آ واٽر ڪپ ۾
ڪالھ مري ويو سيءَ تپ ۾
ڪانڊيري نالو ھڪڙو ھاري

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
nazm
شاعر
حسن درس
ڪتاب
حسن درس جو رسالو
صفحو
148-149