جنھن نہ مِٽِيءَ جي خوشبو کي ڄاتو ھتي
آڪاش انصاري • • شاعري

جنھن نہ مِٽِيءَ جي خوشبو کي ڄاتو ھتي،
جنھن نہ سانگين جي سڱ کي سُڃاتو ھتي،
تنھن سان ڪھڙو ڀلا مُنھنجو ناتو ھتي،
تنھنکي چئو! مُنھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي!
جو نہ اجرڪ جي عظمت جو قائل ھُجي،
مُنھنجي ٻولي ڏي جيڪو نہ مائل ھُجي،
ذھن جنھن جو اڃا ڀي ورھايل ھُجي،
تنھنکي چئو! مُنھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي!
جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
ڄڻ محبت جي مڪا مدينہ چٿيا،
عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
تنھنکي چئو! مُنھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي!
جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھُجي،
جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھُجي،
جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھُجي،
تنھنکي چئو! مُنھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي!
جيڪو لالڻ ليارن سان نفرت ڪري،
مُنھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
تنھنکي چئو! مُنھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي!
اهم معلومات ۽ تفصيل
- صنف
- azad-nazm
- شاعر
- آڪاش انصاري
موضوع
- سنڌي قومي نظم
- قومي گيت
- مزاحمتي شاعري
- اجرڪ
- عظمت
- سنڌي ثقافت
- ڌرتي