جلون ۾ تُنھنجي ساڳي، قيامت رھي نہ آ
آڪاش انصاري • • شاعري

جلون ۾ تُنھنجي ساڳي، قيامت رھي نہ آ،
۽ مُنھنجي دل جي پُڻ اھا حالت رھي نہ آ!
تُنھنجي ڪري ھُئي دُشمني، ساري جھان سان،
تون وئين ڇڏي، تہ ڪنھن سان عداوت رھي نہ آ!
اڀري اڱڻ مٿان نہ مونسان چنڊ چاڳ ڪر،
چانڊاڻ تُنھنجي سان مونکي چاھت رھي نہ آ!
تو پنھنجي پيار جا ڀلي، پيرا لٽي ڇڏيا،
آڪاش کي بہ توسان، شڪايت رھي نہ آ!
اهم معلومات ۽ تفصيل
- صنف
- azad-nazm
- شاعر
- آڪاش انصاري
موضوع
- محبت
- عشق
- حُسن
- محبوب
- وڇوڙو