جلاوطن جلاوطن، مان ڪيئن رھان جلاوطن
آڪاش انصاري • • شاعري

ڀٽڪي پنھنجو دڳ ويو، جيئن ڪو پکيئڙو منجھ گگن
نہ ڪوئي جنھن جو واھيرو، نہ آشيانو ۽ چمن
مان بہ پنھنجي ديس ۾ آھيان اڪيلو اوپرو
جلاوطن جلاوطن، مان ڪيئن رھان جلاوطن
نہ ڪوئي منھنجو ماڳ آ، نہ ڪوئي آ منھنجو مڪان
نہ ڄڻ ھيءَ منھنجي ڌرتي آ، نہ ڄڻ ھي منھنجو آسمان
نہ ڄڻ ھي منھنجي نگري آ، نہ ڄڻ ھي منھنجو آستان
ڄڻ ھجان تاريخ جي، مان لاش جو ميرو ڪفن
مان ڪيئن رھان جلاوطن
جا مُرڪ مون کان وِئين کسي، تنھن مُرڪ جو آھي قسم
جيجل جي مٺڙيءَ ٿڃ جي، ھر سرڪ جو آھي قسم
مان رت رنس جو ظالمو، ھر لڙڪ جو آھي قسم
پلئہ ڪندس پلئہ ڪندس، اي وقت توسان آ وچن
مان ڪيئن رھان جلاوطن
روز ٿو زھر پيئان، مران جيئان، جيئان مران
ڄڻ ڪلاچيءَ ڪُن ۾، ٻڏان تران تران ٻُڏان
ديول جي ديپ جيان اجھان ٻران ٻران اجھان
ڄڻ صليب تي ٽنگيل مان ھجان ڪو سرد بدن
مان ڪيئن رھان جلاوطن
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- آڪاش انصاري