ھن دل قلندريءَ ۾ ڌم ڌم ڌمال آھي!

قُونيا ۾ ڪيف وارو، روميءَ جو رقص آھي،
ھن دل قلندريءَ ۾ ڌم ڌم ڌمال آھي!
ھن پٽ کي وڇائي، ويڙھي سگھان ٿو آئون،
ھر خيا جي خُدائي، کيڙي سگھان ٿو آئون،
مٽي مان ھر ڪو ماڻھو، ميڙي سگھان ٿو آئون،
آواز مان اُٿڻ جي، ڪيفيت ڪمال آھي!
مون ۾ ئي آڳ جرڪي، مون مان ئي گل بڻيو آ،
مون ۾ ئي جُز ڦٽو آ، مون ۾ ئي ڪُل ڇڻيو آ،
مون کي ڄڻيو محبت، محبت کي مون ڄڻيو آ،
جڳ مڳ ملال آھي، جھومر جمال آھي!
ھر رقص بي خودي آ، ديوانگي صدين جي،
ھن ۾ روانگي آ، ساري رکيل ندين جي،
دنيا نہ اسان سامھون، بيھي سگھي بدين جي،
ڇيرين جي ڇما ڇم، سمجھيم سوال آھي!
قونيا ۾ ڪيف وارو، روميءَ جو رقص آھي،
ھن دل قلندريءَ ۾ ڌم ڌم ڌمال آھي!
اهم معلومات ۽ تفصيل
- صنف
- nazm
- شاعر
- حسن درس
- ڪتاب
- حسن درس جو رسالو
- صفحو
- 130