هڪڙو مندر ۽ واڻئي جو هَٽُ هيو

جھانگير ڏاھري • • شاعري

هڪڙو مندر ۽ واڻئي جو هَٽُ هيو

هڪڙو مندر ۽ واڻئي جو هَٽُ هيو،
ڳوٺ اڳيان ٻيو خالي خالي پَٽُ هيو،
نانا جنھن پل ٻانگ فجر جي ڏيندو هو،
ڏينھن ڌنارن تي ٿي ويندو جَهٽُ هيو،
منظر مان بس هڪڙي وينگس غائب هئي،
کوهہ هيو ۽ کوهہ جي ڀر ۾ مَٽُ هيو،
ڪنهن نه ڏٺو هڪڙي وڌوا جي اکڙين سان،
چنڊ هيو يا رات فلڪ ۾ ڦَٽُ هيو،
ٻيرَ ڇڻي پوندا ها هن لئہ ٻيرِ منجهان،
واءُ ڇنڊي ويندو پيرن تان لَٽُ هيو،
جيون هرڻي جي هجرت هو صحرا مان،
واريءَ تي ڪنهن واچوڙي جو وَٽُ هيو،

اهم معلومات ۽ تفصيل

شاعر
جھانگير ڏاھري