ھِيءَ ھوا تنھنجي، حُسن جي ھاڪ ۾

حسن درس • • شاعري

ھِيءَ ھوا تنھنجي، حُسن جي ھاڪ ۾

ھِيءَ ھوا تنھنجي، حُسن جي ھاڪ ۾،
پَئِي ڦِري ھر ٿام ۾ ۽ ٿاڪ ۾.

تون وسِين خوشبوءَ ۾، سُرھاڻ ۾،
باک ويلي، مھڪ گُھلندي ماڪ ۾.

تون نہ موٽئين، مون نہ سُودي نِنڊ ڪا،
نيڻ ڏِيئن جِيئن ٻَريا پئي تاڪ ۾.

مان بہ ڪافر، بُت اچي تنھنجو رکيم،
اڄ وري دل پنھنجي ڪعبي پاڪ ۾.

سِج، سرمد ۽ ننڍڙا ٻارڙا،
سڀ اگهاڙپ جي ڍڪيل پوشاڪ ۾.

ھي ”حسن“ آوارہ گرد آدمي،
تو ڏٺو آ ڇا ڀلا رولاڪ ۾؟

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
ghazal
شاعر
حسن درس

موضوع

  • ڏُک
  • تڙپ
  • رُوحاني صفر
  • حُسن