ھي آڌي رات انڌاريءَ جا

حاجي ساند • • شاعري

ھي آڌي رات انڌاريءَ جا

ھي آڌي رات انڌاريءَ جا،
ڄڻ تارا خواب ڪنواريءَ جا!

ڪنھن مُرڪي آڏيءَ اک ڏٺو،
۽ ھلڪا لوڏا لاريءَ جا!

ھوءَ آئي اُن کان پوءِ ڏِٺا،
مون ھھڙا رُوپ ملھاريءَ جا!

ھوءَ مُنھنجي گوڏي ننڊ سُتِي،
مون وار سنواريا پياريءَ جا!

ھئا ڪونجين تي ڪي ڪانو تڪيل،
۽ ھٿ ڏڪيا پئي ماريءَ جا!

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
nazm
شاعر
حاجي ساند

موضوع

  • عشق
  • ڪونج جا ڪينواس
  • رومانوي ساٿ ۽ ساڃاهه
  • رات جو جمالياتي منظر
  • ملھاري روپ
  • سفر ۽ لمحاتي حسن
  • معصوميت ۽ وقت جو شڪاري