هوا يار مستي ڪري ٿي ڪرڻ ڏي
سروڻ ڪُمار • • شاعري

هوا يار مستي ڪري ٿي ڪرڻ ڏي،
زُلفِ يار تنهنجا کليل تون رهڻ ڏي.
چمن کي نئين واس جي آ ضرورت،
نئون واس مهڪي صبا ۾ ڳلڻ ڏي.
هي رستا، گهٽيون، هي ساريون فضائون،
زُلف جي سڳنڌن ۾ مهڪي ٻڏڻ ڏي.
اسان کي اوهان جا جلوه وڻڻ ٿا،
اڃان ڪر ادائون، اڃان ھي وڻڻ ڏي.
خماريل اکين ۾ لٿي سرخ لالي،
خماريل اکين ۾ ٻڏڻ ڏي ترڻ ڏي.
ڏسي تون کي ھولي رچي آهي من ۾
پرين روح رنگن ۾ تنھنجي رنگڻ ڏي.
ڪٿان چنڊ، اڀري ڪٿي سج لھي ٿو
اوھان جو حسن ھي ڪٿي ٿو ڏسڻ ڏي
جتي هوش گم ٿي وڃن سڀ هي پنهنجا،
اسان کي به اهڙو ڪو رستو وٺڻ ڏي.
پري ئي رھو ڀل،پرين اي پيارا،
اکين کان مٺا تنھنجو بدن ته چمڻ ڏي
ملي داد ويندا مٺا ھر شعر تي،
ترس،يار "سروڻ"جو جُڳ تون اچڻ ڏي
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- سروڻ ڪُمار