ھوا جهوٽي جڏھن تنھنجي، مٺي چنري اڏائي آ،
سروڻ ڪُمار • • شاعري

ھوا جهوٽي جڏھن تنھنجي، مٺي چنري اڏائي آ،
نظارا سڀ وساري مون، نظر تو تي ٽڪائي آ.
جڏھن مدھوش ٿي تون مٺي، آرس ڀڃيندي آ،
زمين جو مان بشر آھيان، فرشتن دل ڏڪائي آ.
پرين مٺڙا جڏهن نڪرين، گلستان سير تي ٿي تون،
صنوبر قد جهڪائن ٿا، گلن خوشبو لٽائي آ.
بدن آ سنگِ مرمر جو، زلف آهي گهٽا ڪاري،
اکين مدهوش ۾ ڪھڙي، مڌيرا تون ملائي آ.
اجنتا جي چوان مورت، خوابن جي چوان راڻي،
خدا فرصت سڪون سان ڄڻ، مٺي توکي بڻائي آ.
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- سروڻ ڪُمار