اھڙا ڀي ڪي آھن ماڻُھو

مُحمد علي گھانگھرو • • شاعري

اھڙا ڀي ڪي آھن ماڻُھو

اھڙا ڀي ڪي آھن ماڻُھو،
ڀُڳڙن مُٺ وڪاڻا ماڻھو،
ذات کپائي، ڏات کپائي،
ضمير کپائي، خمير کپائي،
پنھنجي اگھ اگھاڻا ماڻھو،

ڪلھ ھُن سان مليا ھا، ھُن جا ٿي،
اڄ تو سان مِلن پيا، تُنھنجا ٿي،
نہ ھُن جا ھا، نہ تُنھنجا ٿئي،
اِھي ماڻھو ڦِرڻا گِھرڻا ٿئي،
ھي سوداگر ۽ سياڻا ماڻُھو،
ڀُڳڙن مُٺ وڪاڻا ماڻُھو!

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
nazm
شاعر
مُحمد علي گھانگھرو

موضوع

  • غداري
  • ضمير
  • مفادپرستي