ڏسي ساوڻ جا ھي ميلا جَوانِي ياد آئي آ

سروڻ ڪُمار • • شاعري

ڏسي ساوڻ جا ھي ميلا جَوانِي ياد آئي آ

ڏسي ساوڻ جا ھي ميلا، جَوانِي ياد، آئي آ
جواني جا ڏسي ٽولا، جَوانِي ياد آئي آ
سِرامَڻِ ٽِيجَ آئِي آ، سَکِي مَيڪي بَه آئِي آ،
ڏٺا ھن باغ ۾ جُھولا، جَوانِي ياد آئي آ
ڇَڏِي سَڀَ ويسَ ويڳاڻا، وڳا پائِي نَوان سُهڻا،
رَنڱي اڄ عِشقَ جا چولا، جَوانِي ياد آئي آ
وِسارِي لوڪَ جُون ڳالهِيُون، ڀُلائِي دَردُ اڄ سارا،
ڏنا اڄ رُوحَ کي ڀولا،. جَوانِي ياد آئي آ
مَئِي مَحَبَّتَ جِي ڇَلڪِي پيئي، آ مَيڪدي ۾ اَڄُ،
ڀَرِي پِيتا جَي پِيالا، جَوانِي ياد آئي آ

اهم معلومات ۽ تفصيل

شاعر
سروڻ ڪُمار