دِل چوي ٿي تہ ھاڻي، قيامت اچي

گُلزار سيال • • شاعري

دِل چوي ٿي تہ ھاڻي، قيامت اچي

اُحد، تبُوڪ، خيبر، جمل تورجن,
درد جاڳيو آ، پنھنجا عمل تورجن,
ھر ھنئين مان ٿي رقصم بغاوت اچي,
دِل چوي ٿي تہ ھاڻي، قيامت اچي!

ھڪڙو انصاف جو، اھڙو اوٿر گُھلي,
جيئن ھابيل جو ڪيس، ٻيھر کُلي,
وھ جو پيالو عدالت ۾ آڻي سگھي,
جيئن سقراط انصاف ماڻي سگھي!

ترت عملي مقافات لکجي اچي,
تاج عيسي جو ڪنڊن سان ڇڪجي اچي,
مُنصفي جي ادا ۾ قلندر اچي,
ڪونہ لشڪر سان ٻيھر سڪندر اچي!

اقتداري ولھوٽن کي پرکي وڍيون,
جيئن دارا جون اورنگ اکيون ھيون ڪڍيون,
درد مُجرم کان سڱ جو ڀرائي ڏئي,
شمس تبريز جي کل ورائي ڏئي!

خود سري جي امانت کي اڳتي ڪري,
وقت ۽ حالتن جا بدل تورجن,
اُحد، تبُوڪ، خيبر، جمل تورجن,
درد جاڳيو آ، پنھنجا عمل تورجن!

نسل جي پيڙھ جا، مذھبي رنگ جا,
گِھنڊ جن جن ھٿن سان وڳا جنگ جا,
پوئين تاريخ جو اورجڻ تورجي,
جنھن بہ توريو، اھو تورجڻ تورجي!

ڪنھن بہ ظالم جو نالو وڄي ڇو پيو,
ڪوبہ چچريل ڪُلھن تي کڄي ڇو پيو,
بي اصولي حوالن جي ڇو ٿي وڻي،
ڪابه تهذيب هٽلر کي ڇو ٿي ڄڻي!

ائٽمي طاقتن جو حجم تور جي،
عالمي جنگ جو هر حڪم تور جي،
ڪير آهي جو نفرت جو نڪ ٿو رکي،
هيروشيما تي حملي جو حق ٿو رکي!

اجتماعي قبر تي رکي ساهمي،
کوپڙين جا اڏايل محل تورجن،
اُحد، تبُوڪ، خيبر، جمل تورجن
درد جاڳيو آ پنهنجا عمل تورجن!

ڪنھنجي نيت جو ڪاڏي، وڃي پير ٿو,
ھڪڙِي شيءَ کان وٺي، ڪم ٻيو ڪير ٿو,
ڪسوٽي ۾ ٿين ڪم سڀ وائکا,
ڏير سڀ وائکا، ڏم سڀ وائکا!

جي ندامت جي ناڻي کان ڪم ٿا وٺن,
جسم پيڙھڻ جو گھاڻي کان ڪم ٿا وٺن,
ڪيئن سُھڻي جي لُڙھڻ کي واکاڻجي,
ڇو نہ چڪ جي مٿان ساھمڻي آڻجي!

روز ٻيجل جي سازش ۾ سر لوئجي,
ڇو نہ سورٺ جي ور جو قتل ڌوئجي,
جيسين احساس ڌنوان ڌارڻ سکي,
جيسين انسان ماڻي سان مارڻ سکي!

سمجھ پنھنجي جو پاسو ورائي ايئن,
جيئن جدت جي ھيٺيان قدامت اچي,
ھر ھنئين مان ٿي رقسم بغاوت اچي,
دِل چوي ٿي تہ ھاڻي، قيامت اچي!

ساک ڊارون جي، واھپي جي کڻي,
زندگي جا سڀئي، نظريا تورجن,
جيئن مظلوم قومن جو گُريو تُري,
ساھمي ۾ ٻہ قومي نظريو تُري!

ٿورو اڳتي ورھاڱن جا ڦٽ تورجن,
تور اھڙي، جا تورڻ جا، وٽ تورجن,
جئاگرافي جا ليڪا ڪڍيل ماپجن,
کوڙ مُلڪن جا عُضوا وڍيل ماپجن!

ڪيئن سوچن جا علمي خزانہ سڙيا,
ھڪڙي تيلي سان ڇو ڪُتب خانہ سڙيا,
سڀ حڪيمن جا نُسخا ۽ ڊڀ پرکجن,
اڄ مُھاجر ۽ انصار سڀ پرکجن!

سارا قانون آئين پڙ ۾ وجھي,
ھر لکئي اڻ لکئي جي وضاحت اچي,
دل چوي ٿي تہ ھاڻي قيامت اچي,
دل چوي ٿي تہ, ھاڻي قيامت اچي!

اهم معلومات ۽ تفصيل

صنف
azad-nazm
شاعر
گُلزار سيال

موضوع

  • مزاحمتي شاعري
  • فلسفيانہ شاعري
  • تاريخي احتساب
  • جنگ ۽ امن
  • قومپرستي