ڌرتي جي عِشق مون ۾، آ انقلاب پوکيو

پريم شوخ • • شاعري

ڌرتي جي عِشق مون ۾، آ انقلاب پوکيو

ڌرتي جي عِشق مون ۾، آ انقلاب پوکيو
خوشبو وطن جي تشريح، ٿيندي گلاب پوکيو
ھُن جي اکين کي ٿورو، پنھنجي نظر ۾ رکجو
جيڪر انگُور وليُون، جيڪر شراب پوکيو
عورت ڀلي مِٽي جي، وڻندي سڀن کي آھي
انجي ذھن ۾ ڇا ھو، جنھن ھي شباب پوکيو
دل جي جذيري تي ڀل، محبوب کي ويھاريو
نيڻن جي ڪنڌِيءَ تي، سِنڌوءَ جا خواب پوکيو
آءٌ اھيو ئي چوندس، بيشڪ پُسايو مھندي
عورت پرڻيل لازم، ٿورو حجاب پوکيو
خوشبو وطن جي تشريح، ٿيندي گلاب پوکيو
ڌرتي جي عشق مون ۾، آ انقلاب پوکيو

اهم معلومات ۽ تفصيل

شاعر
پريم شوخ