ڇڏڻ لاءِ ڇوڪريون ڇڏجن، مگر پوءِ ڇا تہ ٻيو کڻجي،

ڇڏڻ لاءِ ڇوڪريون ڇڏجن، مگر پوءِ ڇا تہ ٻيو کڻجي،
ڪرڻ لئہ ڪم ڪيئي آھن، محبت ھيڪلي آھي،
اُڌاري زندگي آھي، نقد آ پيار ھُن جو ئي،
زماني ۾ زنجيرون ڪئي، وڻي ٿو ھار ھُن جو ئي،
ٻہ ٽي ٻُوٽا کڻي پوکيان، گُلن جا گنج ٿي پوندا،
ڪريان ڪجھ ڍنڍ سان ڳالھيون، بتيلا ھنج ٿي پوندا،
وڻ کي ڪوٺ ڏيئي ڪا، ملايان آبشارن سان،
نمن جي ڳوٺ ۾ نئين سر، ڪيان مان راند ٻارن سان،
پراڻا ٿانو ٽامي جا، قلعي ڪنھن کان ڪرايان مان،
چڙھي مان ڏاند گاڏيءَ تي، اچان ڪجھ اوڏڙو ھُن کي،
ھوائن جي ھندوري ۾، ڏيان مان لوڏڙو ھُن کي،
سمورو ھي تصور آھي، سمورا خواب ھي آھن،
حياتيءَ جي ڪتابن جا، اڌورا باب ھي آھن،
رڳو آ رش روڊن تي، گھٽين ۾ بي دلي آھي،
ڪريان ٿو پيار مان تنھا، مُحبت ھيڪلي آھي.
اهم معلومات ۽ تفصيل
- صنف
- nazm
- شاعر
- حسن درس
- ڪتاب
- حسن درس جو رسالو
- صفحو
- 152