چڱو جو اسانکي نہ درزي مليو

چڱو جو اسانکي نہ درزي مليو
نہ ڪو ماپ من جي، نہ ڪو ڪور ٿي،
حياتي سندو ھرک ڦاڙي ھوا،
قضا جي ڪتر ساڻ ڪوري ڇڏيو،
ھوا جي ھٿن ۾ پاڻ ڀوري ڇڏيو!
نہ ڪو ڪاڄ ڪوئي نہ ٻيڙو لڳو!
سڳي کانسواءِ ھي سُئي سوچ جي،
انڌيري ۾ بکيا اجايا ھڻي،
پراڻا پيا ٿيندا وڃون پاڻ ۾،
ٽُٽا ڦاٽندا ٿا وڃون پاڻ ۾،
اڃا ٿا چئو تہ بدن ٽانڪبو
اسان کي تہ سُورن سبي آ رکيو!
چڱو جو اسانکي نہ ڌوٻي مليو!
صدين جي سفر ۾ ٿا ڇڪبا رھون
وچو وچ واري ورائي وئي
ڪٿي گھاٽ اھڙو نہ ڪوئي گھڙيو،
جتي اڄ اکين کي بہ اُجرو ڪريون،
رڳ راھ ۾ آھ آھي اُڀي،
لکين لفظ آنڌي جيان اڄ اُٿيا،
وئي دز دل تي دُکن جي ڄمي،
جتي جر اندر جيءُ نٿو ڌوپجي،
اُتي اڄ بنا آب جي دوستو!
اسان کي تہ آ ڌُوڙ ڌوئي رکيو!
اهم معلومات ۽ تفصيل
- صنف
- nazm
- شاعر
- حسن درس
- ڪتاب
- حسن درس جو رسالو
- صفحو
- 180