اوھان جي نظر جي عنايت وڃي ٿي

سروڻ ڪُمار • • شاعري

اوھان جي نظر جي عنايت وڃي ٿي

اوھان جي نظر جي عنايت وڃي ٿي،
حياتي، سڄي خوبصورت وڃي ٿي.
​نظر کان نظر، جي ھجي گفتگو بس،
عمر ڀر اھائي روايت وڃي ٿي.
​نوان سلسلا ڳولھيون، چاھتن جا،
ملون روز ھڪٻئي جي حسرت وڃي ٿي.
​ڀلي هي سڄو سنسار دشمن ٿئي پر،
ملي تون جي آٿت، حمايت وڃي ٿي.
​هجي ساٿ تنھنجو مرڻ تائين مٺڙا،
حياتي کي تون جي ضرورت وڃي ٿي.
​لکون پاڻ اتھاس پنھنجا، نوان ڪي،
صدين تائين مشهور الفت وڃي ٿي.

اهم معلومات ۽ تفصيل

شاعر
سروڻ ڪُمار