اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي
امداد حسيني • • شاعري

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي
اڪيلا جي ٿيندا تہ روئندا تہ ھوندا
اسان جن کي چاھيو، اسان جن کي پُوڄيو
ڏيئن سان سڄي رات جلندا تہ ھوندا
اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي
جتان پاڻ وڇڙيا ھئاسين اتان اڄ
ڪيئي ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي ھلندا تہ ھوندا
اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي
ڪلھي تي رکي ڪنڌ، جيڪي سُتا سي
اھي ننڊ ۾ ڇرڪ لھندا تہ ھوندا
اسان روئي روئي کلايو ٿو جن کي
جتي گڏ گناسي ۽ رانديون رھيوسين
انھيءَ شھر تي مينھن وسندا تہ ھوندا
اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- امداد حسيني