اسان ڪلھ رات سوچيو پئي

اسان ڪلهه رات سوچيو پئي‘
پکين لئه پيچرا گهڙجن‘
فلڪ تان تارڙا چونڊي‘
سمنڊ جي پيٽ تي مڙهجن‘
اُڌاري شفق کان ٿوري‘
وٺي سندُور جي چُٽڪي‘
ندين کي آبشارن سان‘
پرڻائي ڳيچ ڪو ڳايون‘
سفيدن جي اڇي بُت تي‘
لکي سڀ گيت باغيءَ جا‘
اها ئي ارپنا ساري‘
نويلي هن نسل کي ڏيون‘
هوا تي ڄار اُڇلائي‘
ڪيون خالص خوشبوءَ کي‘
ڌَنَڪ جا رنگ سڀ ميڙي‘
رکون ڌرتيءَ جي قدمن ۾‘
فلڪ تي باغ پوکائي‘
امبر کي سر سبز رکجي‘
چَندر تي کوهه کوٽائي‘
گرهڻ جي ميرَ کي ڌوئون‘
بهشت جا حوض سڀ لاهي‘
جزيرن کي ڏيون ڀيٽا‘
جنگل جي جيوَ پسوئن کي‘
ڏجي مخصوص ڪا ڪوٽا‘
مڇين کي خُشڪ ساليءَ ۾‘
جيئڻ جا فلسفا آڇيون‘
اَڏائي محل ڇولين تي‘
صدف جي تشنگي توريون‘
۽ بارش کي نيوتا ڏيون‘
گُهرائي کڙکٻيتن کي‘
چراغان ديس کي بخشيون‘
۽ ڌرتيءَ جي سڄي پُڙ تي‘
وڇائي چاندنيون ڇڏجن‘
اسان ڪلهه رات سوچيو پئي‘
اسان ڪلهه رات سوچيو پئي.
اهم معلومات ۽ تفصيل
- شاعر
- پريم شوخ