الئہ ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون

آڪاش انصاري • • شاعري

الئہ ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون

جڏھن ڪنھن بہ بادل ولھاريون وسايون
الئہ ڇو اوھان جو اکيون ياد آيون
جڏھن چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون
الئہ ڇو اوھان جو اکيون ياد آيون

جڏھن ڪنھن بہ ڪوئل اسُر ويل ڳايو
تڏھن ولھ ويتر وڇوڙو وڌايو
جڏھن ماڪ مکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون
الئہ ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون

جڏھن کيت ۾ ٻاجھرين سنگ ورايا
جڏھن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦلاريا
جڏھن ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون
الئہ ڇو اوھان جو اکيون ياد آيون

جڏھن توسان نيڻن جو ناتو ڇنو ھو
تڏھن ڏور آڪاش ڪيڏو رنو ھو
جڏھن جيءُ جھورڻ ڪي آيون جدايون
الئہ ڇو اوھان جو اکيون ياد آيون

اهم معلومات ۽ تفصيل

شاعر
آڪاش انصاري