سنڌ جي واهر ڪنهنجي ذميواري
الفت حسين پتافي • • مضمون

ڪافي ماڻهن جي ذهن ۾ سنڌ جي سورن جو مستقل حل عام پبلڪ جو پي پي پي کي ووٽ نه ڏيڻ آهي ۽ نتيجي طور سنڌ جي بي مثال ترقي.
منهنجي خيال ۾ حقيقت ان جي ابتڙ آهي، سنڌ جو سرڪاري نوڪري ڪندڙ طبقو جنهن ۾ گريڊ اٺ کان گريڊ سورهين تائين لکين ماڻهو آهن ۽ ڏهن ويهن ايڪڙن وارا زميندار، جيڪو سنڌ جو لوئر مڊل ڪلاس طبقي جو نوي سيڪڙو حصو آهي، اُهي ئي پاڻ کي ڪجھ نه ڪجھ پڙهيل لکيل هجڻ ڪري سنڌ جو با شعور طبقو سڏائيندا آهن. پر حقيقت اها آهي ته لوئر مڊل ڪلاس طبقي جا پنجانوي سيڪڙو ماڻهو (سڀ نه) بي انتها ڪرپٽ، موقع پرست، ظالم، لوسي چمچاگيري ۾ اول نمبر ۽ مذهبي انتها پسند آهن. هن طبقي سان تعلق رکندڙ هزارين ڪلارڪ، هزارين ماستر، هزارين پوليس وارا، ۽ لکين ننڍيون وڏيون نوڪريون ڪرڻ وارا ڇا سسٽم کي ڪرپٽ ڪرڻ ۾، ڪاپي جو ناسور ڦهلائڻ ۾، مسڪين ماڻهن تي ظلم برپا ڪرڻ ۾، بي پهچ اقليتن جي زندگي عذاب ڪرڻ ۾ ۽ مسڪين هارين مزدورن جي عزتن کي ميرو ڪرڻ ۾ ملوث ڇا پر نوي سيڪڙو ذميوار نه آهن؟
ڇا سڄي سنڌ ۾ اوهان کي پنج سيڪڙو ڪلارڪ به ايمانداري سان ڪم ڪندڙ ملي ويندا، ويھ سيڪڙو اهڙا ماستربه اوهان کي نه ملندا جيڪي سنڌ جي ٻارن کي پنهنجو ٻار سمجهي پڙهائيندا هجن، ٻه سيڪڙو اهڙا پوليس وارا اوهان کي نه ملندا جيڪي گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪنهن لوسي ۽ ظالم وڏيري جو آله ڪار بڻجڻ کان انڪار ڪيو هجين، مذهبي انتها پسند ته سئو سيڪڙو ڪٺور دل ۽ موقع پرست هوندا آهن. چوڻ جو مقصد ته اسان جو اڌ پڙهيل لکيل ۽ لوئر مڊل ڪلاس طبقو بي انتها ڪرپٽ آهي، جيڪي چاهين ته موقعي پرستي ڇڏي سنڌ واسين لاءِ بهتري آڻڻ جو سبب ٿي سگهن ٿا.
سوال اهو آهي ته ڀلا اهو ڪم ماستر ڪلارڪ سپاهي ۽ پٽيوالا ئي ڇو ڪن، اهو ان ڪري جو ڪرپٽ ڪامورڪي لڏي ۽ ظالم سياستدانن ۽ وڏيرن جا سهولت ڪار، پنهنجي معمولي مفاد خاطر اهو طبقو ئي بڻبو آهي. باقي هاري مزدور غريب چچريل ڳوٺاڻو جيڪو ٻه وقت ماني به صحيح طرح نه آهي کائيندو، جنهنجي جان مال عزت به محفوظ نه آهي، اهو سنڌ خاطر ڇو وڌيڪ ذليل ٿيندو ۽ نه ئي ٿيڻ کپي. هي طبقو مجموعي طور تي اڻپڙهيل ۽ گهٽ دماغ هوندو آهي، پنهنجي تر جي اثر رسوخ رکندڙ ڪنهن بي شرم وڏيري جي ٻڪرين جي ڌڻ مثل هوندو آهي، هو پنهنجي مرضي سان بس خود ڪشي ئي ڪري سگهي ٿو.
سڌاري جي شروعات ايندڙ مهيني کانئي ڪري سگهجي ٿي، ڪنهن به ڪلارڪ کي مارچ اپريل ۾ ٿيندڙ مئٽرڪ انٽر جي امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر جو حصو بڻجڻ نه گهرجي، ماسترن کي پوليس وارا تحفظ ڏيڻ ته جئين ڪاپي ڪندڙن ڇورن ۽ سندن واٺن جو پادرن سا استقبال ٿي سگهي، ڪڻڪ جي لاباري ۽ کڻت ۾ ڪنهن به مسڪين هاري سان ڪي لوسي زميندارڙو زيادتي نه ڪري سگهي، ڪنهن حرامي ملان جي چرچ تي ڪو ڪٺور دل ڪنهن هندو نياڻي جي مستقبل سان نه کيڏي سگهي، ايمانداري سان هر ڪو پنهنجو ڪم ڪري ان ڪري نه جو مذهب چيو آهي، امانتداري ۽ ايمانداري جي ضرورت اوهان جي آخرت کان وڌيڪ سنڌ لاءِ ضروري آهي.
ڪٿان نه ڪٿان ته شروعات ڪرڻي پوندي، تڙپي تڙپي مرڻ کان ڀلو آهي ته سنڌين کي همت کان ڪم وٺندي سچائي جو ساٿ ڏيڻ ۽ پنهنجي دشمن کي سڃاڻڻ جي سکيا وٺن ۾ کيس هر ميدان ۾ مات ڏين. باقي عام هاري مزدور مان ووٽن واري انقلاب جو آسرو نه رکو.